
سنڌ زمين ايام کان وٺي آزادي جي متوالن، محب وطن، سرفروشن کي جنم ڏنو آهي، جن سر ڪٽائي به پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو. حق ۽ سچ جي خاطر ڪيترائي مجاهد سولي چڙهيا ته ڪي گهاڻي ۾ پيڙهيا ويا ته ڪن کي جبلن جي چوٽين تان اڇلايو ويو، تڏهن به حق فاتح رهيو ۽ باطل جي شڪست ٿي ۽ اهي شهيد هميشه لاءِ امر ٿي ويا، جن حق خاطر پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ڇڏيو پر جهڪيا نه. اهڙن عظيم هستين مان مجاهد اعظم امام انقلاب، سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله راشدي پير پاڳارو به هڪ هو.
جڏهن 1843ع ۾ ٽالپر حڪومت جي خاتمي بعد انگريز جو اقتدار قائم ٿيو، انگريزن کي ٽالپر حڪمرانن جي ڪمزورين جي ڄاڻ هئي. انگريز هندن جي بااثر ماڻهن ذريعي مسلمانن ۾ انتشار پکيڙي ڇڏيو هو، جنهن وقت انگريز سنڌ تي قابض ٿيو هو، تنهن وقت هنن سنڌ جي ماڻهن ۽ گروپن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. کين احساس ٿيو ته حر کين مضبوط ۽ سگهاري قوت نظر آيا، جيڪي پنهنجي روحاني اڳواڻ حضرت شهيد صبغت الله راشدي جي سخت تائيد ۽ حمايت ڪندا هئا. انگريزن سنڌ جي ويهه هزار چورس ميل تي مارشل لا نافذ ڪيو، درياهه جي ڪناري رات جو ڪرفيو نافذ ڪري گاڏيون هلائڻ تي بندش لڳائي وئي، ٽيهه هزار هٿياربند گوري فوج کي ٽينڪن ۽ بمباري ڪندڙ جهازن سميت سنڌ تي مڙهيو ويو. ڪانگريس جيڪا سياسي جماعت هوندي هئي اها انگريز جي ذهن جي پيداوار هئي.
ان دوران سورهيه بادشاهه انگريز کي للڪاريو، پنهنجن فدائين حرن کي انگريز خلاف جهاد لاءِ تيار ٿي سر سان ڪفن ٻڌي غازي تحريڪ جي شروعات ڪئي، جن ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ جو نعرو بلند ڪري انگريز سامراج کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عملي ميدان ۾ نڪري پيا. هٿيار کڻي انگريز کي ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌي غيرتمند قوم آهي. جيڪا قابض انگريز ظالم سرڪار جي پيرن جا نشان پنهنجي سرخ خون سان مٽائي ڇڏيندا.
حر جماعت واحد گروپ هو جنهن انگريز جي حاڪميت کي سنڌ مٿان قبول ڪرڻ جو نه رڳو انڪار ڪيو پر آزاد حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ انگريز جي وڌندڙ قهري ظلم جو مقابلو ڪيو. انگريز حڪومت سورهيه بادشاهه ۽ سندس جماعت کي انگريز سرڪار جو باقي قرار ڏئي مٿن گرفت قائم ڪرڻ تي گهري. انگريز حڪومت اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هئي، انهيءَ منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا ويا ته ،هر قسم جي ڏوهن ۾ ڪنهن به جاچ جوچ ڪرڻ کان سواءِ حرن کي ان جو ذميوار ٺهرايو ويو ۽ انهن مان خاص با اثر ماڻهن جون لسٽون تيار ڪيون ويون. هر ننڍي وڏي حر لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو ته هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿاڻي تي ضروري پيش ٿين. پير صاحب جي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي تي پوليس فورس مقرر ڪئي وئي ته جيئن نظرداري ڪري سگهجي. سيد صبغت الله ثاني راشدي پابندين خلاف حڪومت وٽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر سرڪار ڪجهه به نه ٻڌو. احتجاج جو مقصد اهو هو ته ماڻهو روزانو اٺن ڏهن ميلن جي پنڌ تان حاضري ڀرائڻ لاءِ اچن ۽ واپس وڃن ته اهي پنهنجن ٻارن بچن لاءِ روزي ڪهڙي وقت ڪمائن ۽ فقط حرن تي زيادتي ڪرڻ انصاف جي سراسر منافي آهي، پر حڪومت سڀني احتجاجن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ ان جي ابتڙ وڌيڪ ظلم ۽ جبر شروع ڪيو. آخر پير صاحب تنگ اچي روزانو حاضري ڏيندڙ ڪجهه بهادر ۽ جرئت مند حرن کي گهرايو ۽ حڪم ڏنو ته اڄ کان ڪڏهن به حاضري ڀرائڻ لاءِ ٿاڻي تي هرگز نه وڃجو. حڪومت جي ظلم خلاف ان عظيم اڳواڻ جي اها پهرين ڌڪار هئي ۽ اها حڪومت خلاف نافرماني جي شروعات هئي.
اهو حڪم ملڻ بعد چند حر روپوش ٿي ويا. انگريز حڪومت سيد صبغت الله شاه ثاني راشدي تي زور ڀريو ته انهن ماڻهن کي حاضر ڪريو، پير صاحب انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته حڪومت انهن کي پاڻ ڳولهي ان مسئلي تي ڪن خير خواهن ۽ مريدن عرض ڪيو ته قبله انهن آفيسرن کي خوش رکيو وڃي ته جيئن اهي اوهان جو ساٿ ڏين پر پاڻ سختي سان انڪار ڪيائون ته رشوت ڏيڻ اسان جو مذهب ۾ حرام آهي. سانگهڙ وٽ مکي ڍنڍ جي علائقي ۾ حرن جون سرگرميون هونديون هيون. جڏهن انگريز انتظاميا حرن جي حمايت ۾ ناڪام وئي ته پوءِ 1942ع ۾ پيراشوٽ ۽ بمبار جهازن وسيلي حر آبادين تي گولا بارود وسائڻ شروع ڪيا پر گڏوگڏ فضائي ۽ زميني حملن جي بارش پڻ وسائي وئي. قابض انگريز انتظاميا 18 جون 1942ع تائين حر آباديون خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ۽ حرن لاءِ اهو اعلان قابل قبول نه هو. حر ڪنهن صورت ۾ انگريز سامراج آڏو جهڪڻ لاءِ تيار نه هئا جو سندن اڳواڻ سورهيه بادشاهه وچن ڪيو ويٺو هو ته هاڻي وڌيڪ غلامي قبول نه ڪنداسين. حرن جي نه جهڪڻ تي پهرين جولاءِ 1942ع کان حرن خلاف فوجي ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت موسمي حالتون به خراب هيون ان لاءِ ٻين پيراشوٽ دستن کي لاٿو ويو ۽ فوجي دستا به چئني طرفن کان حرن خلاف زميني ڪاررواين لاءِ منتظر هئا، پر حر مجاهد پسپا ٿي نه سگهيا. ان وقت حرن هڪ فضائي جهاز به ڪيرائي وڌو، جنهن سان فضائي دستن جا حوصلا خطا ٿي ويا هئا ۽ کين حراس وڪوڙي ويو جنهن ڪري اصلي ٺڪاڻن کان لنوائڻ لڳا. 21 سيپٽمبر 1942ع تي کيرو کان اوڀر طرف هندستان ايئرفورس جي هڪ جهاز فائرنگ ڪري ويهه حرن کي شهيد ڪيو. اها بربريت ۽ تشدد جي انتها هئي. سورهيه بادشاهه جي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي مان 80 مڻ چاندي انگريز قبضي ۾ ورتي ته جيئن حرن کي معاشي دٻاءُ ۾ آڻي گرفت ۾ آندو وڃي.
ان دوران مارشل لا انتظاميا پاڻي جي کوهن ۽ تلائن ۾ زهر وجهي ڇڏيو ته جيئن حر پيئڻ لاءِ پاڻي استعمال ڪن ته هو مري وڃن. حرن جون زمينون ضبط ڪري علائقي جي انهن ماڻهن کي ڏنيون ويون جيڪي حرن جي سرگرمين جو اطلاع انتظاميا کي ڏيندا هئا، حرن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ مخصوص لوڙها قائم ڪري اتي عورتن ۽ ٻڍن ٻارن سميت خاندان جا خاندان قيد ڪيا ويا. اهڙن لوڙهن جون ڪئمپون کپرو، نوابشاهه، ميرپورخاص، شهدادپور، شادي پلي، سکر، سنجهورو، جروار، جوهي ۽ وارهه ۾ قائم ڪيا ويا. انهن لوڙهن ۾ فقط قيدي عورتن جو تعداد ڏيڍ هزار ۽ مردن جو ته اندازو ئي ڪو نه هو. هزارن جي تعداد ۾ حرن کي قطار ۾ بيهاري گولين جو نشانو بڻايو ويو. هزارن کي مشينن ۾ ڏئي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو ان حالت ۾ آزادي جو خواب ڏسڻ مردانگي جي نشاني هئي. يقينن ڪا به قومي تحريڪ ايستائين پنهنجو مقصد ماڻي نه سگهندي جيستائين سندن اڳواڻ بهادر ۽ پنهنجي قوم ۽ وطن سان سچو نه هجي. حرن ۽ سنڌ وطن جي خوش قسمتي جو پير صبغت الله شاهه راشدي، سورهيه بادشاهه، مقصد جو پختو فيصلو ڪندڙ قوت هجڻ سان گڏ واقعي مجاهد باصلاحيت انقلابي اڳواڻ هو، وسيع سياسي دماغ رکندڙ اڳواڻ هو، هڪ سپاهي جيان پنهنجن ساٿين سان گڏ دشمن سان جنگ جي ميدان ۾ اڳيان اڳيان هو. وسيع سياسي دماغ رکندڙ اڳواڻ هو هڪ سپاهي جيان پنهنجن ساٿين سان گڏ دشمن سان جنگ جي ميدان ۾ اڳيان اڳيان هو، سندس قولن به حرن ۽ سنڌ جي وڙهندڙ آزادي واري جنگ ۾ وڏي مدد ڪئي. جن کي اڳيان رکي حر ڪنهن به خطري کي محسوس ڪو نه ڪندا هئا. هڪ دفعي ساڻس ڪانگريس جي اڳواڻ وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر چوئٽرام، پروفيسر گهنشام، سسٽر سڌوا، سيٺ تلسيداس ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران پير صبغت الله شاهه راشدي ڊاڪٽر چوئٽرام کي چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب وطن جي آزادي واري اهم مقصد تي اسين متفق آهيون. البته اسان جون راهون جدا جدا آهن ۽ اوهان ڪانگرس وارن جي اها پاليسي بلڪل خراب آهي، جو اوهان پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيو. اها جمهوري سياست ته نه آهي پر ڊڪٽيٽرشپ آهي ۽ ان ڊڪٽيٽرشپ ئي دنيا جو امن خطري ۾ وڌو آهي. صرف جيئو ۽ جيئڻ ڏيو اهو ئي جمهوريت جو بنياد آهي. شهيد هندستان جي حوالي سان فرمايو ته ”اهو هڪ ملڪ هرگز نه پر هڪ کنڊر آهي جنهن ۾ ڌار ڌار ٻولين وارا مختلف ملڪ آهن، اهي هميشه فيڊريشن يعني وفاق جي صورت ۾ رهندا هئا. جنهن کي انگريزن اچي صوبا ٺاهيا، جنهن ڳالهه کي اسين قبول نٿا ڪريون جنهن ڳالهه کي اسين صحيح نٿا سمجهون جيئن يورپ ملڪ ۾ پنجويهه کن ملڪ آهن تيئن هتي به ملڪ هجن.“
هڪ دفعي غازين کي خطاب ڪندي سرڪار کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، آزادي سان رهڻ انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪو فطرت جو حق آئين آهي جيئن رڳن ۾ رت ۽ ڦڦڙن ۾ ساهه ۽ دماغ ۾ هوش، اهو حق جيڪڏهن ڪير به ڪنهن کان کسي ٿو ته اهو مارڻ کان به وڌيڪ ظلم ڪري ٿو. اهي ئي مبارڪ هستيون آهن جيڪي پنهنجي گرم رت سان هميشه آزادي جي سدا بهار گلن کي پاڻي ڏين ٿيون.“
ان دوران کيس گرفتار به ڪيو ويو هو، انگريزن مارشل لا نافذ ڪري لئمبرڪ کي مقرر ڪري سنڌ تي مڙهيو ويو، حرن خلاف سنڌ ۾ رهندڙ حر آبادي کي رت سان وهنجاريو ويو، حر آباديون مقتل گاهه بڻايون ويون ۽ ٻئي طرف غازين جٿن جي صورت ۾ سرڪاري ڪئمپن تي حملا جاري رکيا ۽ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو پروانو قبول ڪندا انگريز جا ٺڪاڻا تباهه ڪندا رهيا. سورهيه بادشاهه کي سرڪار قيد ۾ بند ڪيو جنهن کي انگريز جي فوجي ڪورٽ ڦاسي جو آرڊر ڏنو. جنهن تي سورهيه بادشاهه معمولي به اثر نه قبوليو ۽ مايوس نه ٿيا. 20 مارچ 1943ع ۾ انگريز سان آزادي جي جنگ ۾ ڦاسي چاڙهيا ويا پر مفاهمت قبول نه ڪيائون ۽ سنڌ جي آزادي تان دستبردار نه ٿيا، سندن شهادت ايندڙ نسلن لاءِ مشغل راهه ثابت ٿي.
1947ع ۾ پاڪستان جو وجود ٿيو ۽ ائين برصغير مان انگريز کي نڪرڻو پيو، اڄ تاريخ جا ورق پاڪستان جي آزادي کي سياسي طور يا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي حوالي سان ڏسن ٿا، پر اسان کي حقيقي تاريخ پاڻ ئي مرتب ڪرڻي پوندي. پاڪستان جو وجود سنڌ جي عوام، حرن ۽ غازين جي قربانين جو ثمر آهي. اسان تي اهو فرض آهي ته پنهنجن محسنن ۽ هيروز جا ڏينهن ملهايون، ٻي صورت ۾ زندهه قومون پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهنديون آهن.
No comments:
Post a Comment