Saturday, April 3, 2010
Friday, April 2, 2010
Monday, March 29, 2010
shah bhitai


Shah Abdul Latif had forsaken a life of material comfort for he was born to a background of material wealth. For those who thirst for temporal power and tyranny he expressed his dislike as:
Clean in dress, dirty of soul
Donkey worthy slaves they are
Another of his verse goes like this:
Wind blew! The sand enveloped the body,
Whatever little life left, is to see the beloved.
Bhit Shah is the only shrine anywhere in Pakistan that has a post-sunset performance of Sufi music and singing everyday of the year. The main instrument played here is the drone-flute damboro, said to have been invented by Shah Abdul Latif himself.

سنڌ زمين ايام کان وٺي آزادي جي متوالن، محب وطن، سرفروشن کي جنم ڏنو آهي، جن سر ڪٽائي به پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو. حق ۽ سچ جي خاطر ڪيترائي مجاهد سولي چڙهيا ته ڪي گهاڻي ۾ پيڙهيا ويا ته ڪن کي جبلن جي چوٽين تان اڇلايو ويو، تڏهن به حق فاتح رهيو ۽ باطل جي شڪست ٿي ۽ اهي شهيد هميشه لاءِ امر ٿي ويا، جن حق خاطر پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ڇڏيو پر جهڪيا نه. اهڙن عظيم هستين مان مجاهد اعظم امام انقلاب، سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله راشدي پير پاڳارو به هڪ هو.
جڏهن 1843ع ۾ ٽالپر حڪومت جي خاتمي بعد انگريز جو اقتدار قائم ٿيو، انگريزن کي ٽالپر حڪمرانن جي ڪمزورين جي ڄاڻ هئي. انگريز هندن جي بااثر ماڻهن ذريعي مسلمانن ۾ انتشار پکيڙي ڇڏيو هو، جنهن وقت انگريز سنڌ تي قابض ٿيو هو، تنهن وقت هنن سنڌ جي ماڻهن ۽ گروپن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. کين احساس ٿيو ته حر کين مضبوط ۽ سگهاري قوت نظر آيا، جيڪي پنهنجي روحاني اڳواڻ حضرت شهيد صبغت الله راشدي جي سخت تائيد ۽ حمايت ڪندا هئا. انگريزن سنڌ جي ويهه هزار چورس ميل تي مارشل لا نافذ ڪيو، درياهه جي ڪناري رات جو ڪرفيو نافذ ڪري گاڏيون هلائڻ تي بندش لڳائي وئي، ٽيهه هزار هٿياربند گوري فوج کي ٽينڪن ۽ بمباري ڪندڙ جهازن سميت سنڌ تي مڙهيو ويو. ڪانگريس جيڪا سياسي جماعت هوندي هئي اها انگريز جي ذهن جي پيداوار هئي.
ان دوران سورهيه بادشاهه انگريز کي للڪاريو، پنهنجن فدائين حرن کي انگريز خلاف جهاد لاءِ تيار ٿي سر سان ڪفن ٻڌي غازي تحريڪ جي شروعات ڪئي، جن ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ جو نعرو بلند ڪري انگريز سامراج کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عملي ميدان ۾ نڪري پيا. هٿيار کڻي انگريز کي ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌي غيرتمند قوم آهي. جيڪا قابض انگريز ظالم سرڪار جي پيرن جا نشان پنهنجي سرخ خون سان مٽائي ڇڏيندا.
حر جماعت واحد گروپ هو جنهن انگريز جي حاڪميت کي سنڌ مٿان قبول ڪرڻ جو نه رڳو انڪار ڪيو پر آزاد حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ انگريز جي وڌندڙ قهري ظلم جو مقابلو ڪيو. انگريز حڪومت سورهيه بادشاهه ۽ سندس جماعت کي انگريز سرڪار جو باقي قرار ڏئي مٿن گرفت قائم ڪرڻ تي گهري. انگريز حڪومت اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هئي، انهيءَ منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا ويا ته ،هر قسم جي ڏوهن ۾ ڪنهن به جاچ جوچ ڪرڻ کان سواءِ حرن کي ان جو ذميوار ٺهرايو ويو ۽ انهن مان خاص با اثر ماڻهن جون لسٽون تيار ڪيون ويون. هر ننڍي وڏي حر لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو ته هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿاڻي تي ضروري پيش ٿين. پير صاحب جي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي تي پوليس فورس مقرر ڪئي وئي ته جيئن نظرداري ڪري سگهجي. سيد صبغت الله ثاني راشدي پابندين خلاف حڪومت وٽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر سرڪار ڪجهه به نه ٻڌو. احتجاج جو مقصد اهو هو ته ماڻهو روزانو اٺن ڏهن ميلن جي پنڌ تان حاضري ڀرائڻ لاءِ اچن ۽ واپس وڃن ته اهي پنهنجن ٻارن بچن لاءِ روزي ڪهڙي وقت ڪمائن ۽ فقط حرن تي زيادتي ڪرڻ انصاف جي سراسر منافي آهي، پر حڪومت سڀني احتجاجن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ ان جي ابتڙ وڌيڪ ظلم ۽ جبر شروع ڪيو. آخر پير صاحب تنگ اچي روزانو حاضري ڏيندڙ ڪجهه بهادر ۽ جرئت مند حرن کي گهرايو ۽ حڪم ڏنو ته اڄ کان ڪڏهن به حاضري ڀرائڻ لاءِ ٿاڻي تي هرگز نه وڃجو. حڪومت جي ظلم خلاف ان عظيم اڳواڻ جي اها پهرين ڌڪار هئي ۽ اها حڪومت خلاف نافرماني جي شروعات هئي.
اهو حڪم ملڻ بعد چند حر روپوش ٿي ويا. انگريز حڪومت سيد صبغت الله شاه ثاني راشدي تي زور ڀريو ته انهن ماڻهن کي حاضر ڪريو، پير صاحب انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته حڪومت انهن کي پاڻ ڳولهي ان مسئلي تي ڪن خير خواهن ۽ مريدن عرض ڪيو ته قبله انهن آفيسرن کي خوش رکيو وڃي ته جيئن اهي اوهان جو ساٿ ڏين پر پاڻ سختي سان انڪار ڪيائون ته رشوت ڏيڻ اسان جو مذهب ۾ حرام آهي. سانگهڙ وٽ مکي ڍنڍ جي علائقي ۾ حرن جون سرگرميون هونديون هيون. جڏهن انگريز انتظاميا حرن جي حمايت ۾ ناڪام وئي ته پوءِ 1942ع ۾ پيراشوٽ ۽ بمبار جهازن وسيلي حر آبادين تي گولا بارود وسائڻ شروع ڪيا پر گڏوگڏ فضائي ۽ زميني حملن جي بارش پڻ وسائي وئي. قابض انگريز انتظاميا 18 جون 1942ع تائين حر آباديون خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ۽ حرن لاءِ اهو اعلان قابل قبول نه هو. حر ڪنهن صورت ۾ انگريز سامراج آڏو جهڪڻ لاءِ تيار نه هئا جو سندن اڳواڻ سورهيه بادشاهه وچن ڪيو ويٺو هو ته هاڻي وڌيڪ غلامي قبول نه ڪنداسين. حرن جي نه جهڪڻ تي پهرين جولاءِ 1942ع کان حرن خلاف فوجي ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت موسمي حالتون به خراب هيون ان لاءِ ٻين پيراشوٽ دستن کي لاٿو ويو ۽ فوجي دستا به چئني طرفن کان حرن خلاف زميني ڪاررواين لاءِ منتظر هئا، پر حر مجاهد پسپا ٿي نه سگهيا. ان وقت حرن هڪ فضائي جهاز به ڪيرائي وڌو، جنهن سان فضائي دستن جا حوصلا خطا ٿي ويا هئا ۽ کين حراس وڪوڙي ويو جنهن ڪري اصلي ٺڪاڻن کان لنوائڻ لڳا. 21 سيپٽمبر 1942ع تي کيرو کان اوڀر طرف هندستان ايئرفورس جي هڪ جهاز فائرنگ ڪري ويهه حرن کي شهيد ڪيو. اها بربريت ۽ تشدد جي انتها هئي. سورهيه بادشاهه جي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي مان 80 مڻ چاندي انگريز قبضي ۾ ورتي ته جيئن حرن کي معاشي دٻاءُ ۾ آڻي گرفت ۾ آندو وڃي.
ان دوران مارشل لا انتظاميا پاڻي جي کوهن ۽ تلائن ۾ زهر وجهي ڇڏيو ته جيئن حر پيئڻ لاءِ پاڻي استعمال ڪن ته هو مري وڃن. حرن جون زمينون ضبط ڪري علائقي جي انهن ماڻهن کي ڏنيون ويون جيڪي حرن جي سرگرمين جو اطلاع انتظاميا کي ڏيندا هئا، حرن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ مخصوص لوڙها قائم ڪري اتي عورتن ۽ ٻڍن ٻارن سميت خاندان جا خاندان قيد ڪيا ويا. اهڙن لوڙهن جون ڪئمپون کپرو، نوابشاهه، ميرپورخاص، شهدادپور، شادي پلي، سکر، سنجهورو، جروار، جوهي ۽ وارهه ۾ قائم ڪيا ويا. انهن لوڙهن ۾ فقط قيدي عورتن جو تعداد ڏيڍ هزار ۽ مردن جو ته اندازو ئي ڪو نه هو. هزارن جي تعداد ۾ حرن کي قطار ۾ بيهاري گولين جو نشانو بڻايو ويو. هزارن کي مشينن ۾ ڏئي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو ان حالت ۾ آزادي جو خواب ڏسڻ مردانگي جي نشاني هئي. يقينن ڪا به قومي تحريڪ ايستائين پنهنجو مقصد ماڻي نه سگهندي جيستائين سندن اڳواڻ بهادر ۽ پنهنجي قوم ۽ وطن سان سچو نه هجي. حرن ۽ سنڌ وطن جي خوش قسمتي جو پير صبغت الله شاهه راشدي، سورهيه بادشاهه، مقصد جو پختو فيصلو ڪندڙ قوت هجڻ سان گڏ واقعي مجاهد باصلاحيت انقلابي اڳواڻ هو، وسيع سياسي دماغ رکندڙ اڳواڻ هو، هڪ سپاهي جيان پنهنجن ساٿين سان گڏ دشمن سان جنگ جي ميدان ۾ اڳيان اڳيان هو. وسيع سياسي دماغ رکندڙ اڳواڻ هو هڪ سپاهي جيان پنهنجن ساٿين سان گڏ دشمن سان جنگ جي ميدان ۾ اڳيان اڳيان هو، سندس قولن به حرن ۽ سنڌ جي وڙهندڙ آزادي واري جنگ ۾ وڏي مدد ڪئي. جن کي اڳيان رکي حر ڪنهن به خطري کي محسوس ڪو نه ڪندا هئا. هڪ دفعي ساڻس ڪانگريس جي اڳواڻ وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر چوئٽرام، پروفيسر گهنشام، سسٽر سڌوا، سيٺ تلسيداس ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران پير صبغت الله شاهه راشدي ڊاڪٽر چوئٽرام کي چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب وطن جي آزادي واري اهم مقصد تي اسين متفق آهيون. البته اسان جون راهون جدا جدا آهن ۽ اوهان ڪانگرس وارن جي اها پاليسي بلڪل خراب آهي، جو اوهان پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيو. اها جمهوري سياست ته نه آهي پر ڊڪٽيٽرشپ آهي ۽ ان ڊڪٽيٽرشپ ئي دنيا جو امن خطري ۾ وڌو آهي. صرف جيئو ۽ جيئڻ ڏيو اهو ئي جمهوريت جو بنياد آهي. شهيد هندستان جي حوالي سان فرمايو ته ”اهو هڪ ملڪ هرگز نه پر هڪ کنڊر آهي جنهن ۾ ڌار ڌار ٻولين وارا مختلف ملڪ آهن، اهي هميشه فيڊريشن يعني وفاق جي صورت ۾ رهندا هئا. جنهن کي انگريزن اچي صوبا ٺاهيا، جنهن ڳالهه کي اسين قبول نٿا ڪريون جنهن ڳالهه کي اسين صحيح نٿا سمجهون جيئن يورپ ملڪ ۾ پنجويهه کن ملڪ آهن تيئن هتي به ملڪ هجن.“
هڪ دفعي غازين کي خطاب ڪندي سرڪار کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، آزادي سان رهڻ انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪو فطرت جو حق آئين آهي جيئن رڳن ۾ رت ۽ ڦڦڙن ۾ ساهه ۽ دماغ ۾ هوش، اهو حق جيڪڏهن ڪير به ڪنهن کان کسي ٿو ته اهو مارڻ کان به وڌيڪ ظلم ڪري ٿو. اهي ئي مبارڪ هستيون آهن جيڪي پنهنجي گرم رت سان هميشه آزادي جي سدا بهار گلن کي پاڻي ڏين ٿيون.“
ان دوران کيس گرفتار به ڪيو ويو هو، انگريزن مارشل لا نافذ ڪري لئمبرڪ کي مقرر ڪري سنڌ تي مڙهيو ويو، حرن خلاف سنڌ ۾ رهندڙ حر آبادي کي رت سان وهنجاريو ويو، حر آباديون مقتل گاهه بڻايون ويون ۽ ٻئي طرف غازين جٿن جي صورت ۾ سرڪاري ڪئمپن تي حملا جاري رکيا ۽ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو پروانو قبول ڪندا انگريز جا ٺڪاڻا تباهه ڪندا رهيا. سورهيه بادشاهه کي سرڪار قيد ۾ بند ڪيو جنهن کي انگريز جي فوجي ڪورٽ ڦاسي جو آرڊر ڏنو. جنهن تي سورهيه بادشاهه معمولي به اثر نه قبوليو ۽ مايوس نه ٿيا. 20 مارچ 1943ع ۾ انگريز سان آزادي جي جنگ ۾ ڦاسي چاڙهيا ويا پر مفاهمت قبول نه ڪيائون ۽ سنڌ جي آزادي تان دستبردار نه ٿيا، سندن شهادت ايندڙ نسلن لاءِ مشغل راهه ثابت ٿي.
1947ع ۾ پاڪستان جو وجود ٿيو ۽ ائين برصغير مان انگريز کي نڪرڻو پيو، اڄ تاريخ جا ورق پاڪستان جي آزادي کي سياسي طور يا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي حوالي سان ڏسن ٿا، پر اسان کي حقيقي تاريخ پاڻ ئي مرتب ڪرڻي پوندي. پاڪستان جو وجود سنڌ جي عوام، حرن ۽ غازين جي قربانين جو ثمر آهي. اسان تي اهو فرض آهي ته پنهنجن محسنن ۽ هيروز جا ڏينهن ملهايون، ٻي صورت ۾ زندهه قومون پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهنديون آهن.
Sunday, March 28, 2010

شهيد سورهيه بادشاهه ۽ مت موڙهيل انگريز حامي..!1
ڇنڇر 20 مارچ 2010ع - 03 ربيع الثاني 1431 هه
سورهيه بادشاهه شهيد روشن سج مثل آهي، جيڪو نه ته داغي ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڍڪي سگهجي ٿو، جنهن تاريخ تي آزاديءَ جي حاصلات لاءِ انگريزن جي حڪومت خلاف ” وطن يا ڪفن ، آزادي يا موت“ جو نعرو هڻي کلم کلا جنگ جو اعلان ڪيو، نه رڳو اعلان پر پير سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه انگريزن سان سخت نفرت جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو ته” رڳو مون کي دل ۾ انگريزن جي عزت جو خيال اچي ٿو ته شڪ پيدا ٿئي ٿو ته مان حسيني آهيان“. دنيا جي هن عظيم انقلابي اڳواڻ ڦوهه جواني ۾ انگريزن جي غلامي کي قبول ڪرڻ بدران مُسڪرائيندي سولي کي سجائي موت کي پنهنجي هنج ۾ وٺي ڇڏيو، سندن شانائتي ۽ مانائتي موت دشمنن کي حيران ڪري ڇڏيو. انگريز سامراج جي آفيسرن به اُن موقعي تي پير صاحب کي مطمئن، تازو توانو، پُر اعتماد ۽ سندن چهري تي گهٻراهٽ يا پريشاني نه ڏسي اعتراف ڪندي لکيو آهي ته”جنهن وطن ۾ سورهيه بادشاهه جهڙا بهادر ۽ دلير شير هجن، انهي وطن جون قومون گهڻو وقت غلام ۾ رهي نه ٿيون سگهن.
سنڌ جي اُنهي وقت جي اولڊ سنڌي پڙهيل ڪڙهيل اديبن، تاريخدانن، دانشورن، فارغ تحصيل عالمن، سنڌ جي اخبارن جي ڌڻي شعوري طور تي لاشعور بڻيل هئا. اهي مت موڙهيل انگريز حامي بيخبري، لاعلمي ۽ اڻ ڄاڻائي جهڙي بيماري ۾ وڪوڙيل هئا ( اڄ به اهي ۽ انهن جو موجود نسل ساڳئي بيماري ۾ ورتل آهي)، جنهن جو علاج دُنيا ۾ ڪٿي ڳوليو به نٿو لڀي، انهيءَ مرض سبب سنڌ جا تڏهوڪا سياستدان، وڏيرا، رئيس، جاگيردار، اديب، دانشور، عالم، اخبارن جا ايڊيٽر سخت عليل ٿي ويا هئا جوکين سنڌ ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ جي حاصلات لاءِ سورهيه بادشاهه پاران شروع ڪيل ”حُر تحريڪ“ جي کُڙڪ ڪنن تائين نه پهتي، کين آزادي واري تحريڪ ۾ هزارين حُرن کي سرعام گولين جو کاڄ بڻايو ويو، لوڙهن ۾ بند رکي مٿن سخت ظلم ۽ تشدد ڪيو ويو، بلوچستان ۽ پنجاب کان ماڻهو آڻي اسپيشل پوليس ۾ ڀرتي ڪري حُرن جي زمينن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا، انهن ڌارين جي هٿان حُرجماعت جي ڪيئي خاندانن کي شهرن جي چونڪن ۽ چوراهن تي سڌيون گوليون هڻي شهيد ڪرايو ويو، انهن حُرن جو سسڪيون، آهون ۽ مٿن بندوقي گولين جي ٺڪائن جي آواز کي سنڌ جي ڪنهن به سڄڻ نه ٻڌو...!!، درگاهه پير سائين روضي ڌڻي رحه جي مٿان جهازن ذريعي بمباري ڪئي ويئي پر زوردار ڌماڪا به ڪنهن جي لاءِ آگاهي جو ذريعو نه بڻجي سگهيا...! تنهنڪري کين خبر پئجي نه سگهي، نه ته سنڌ جي عام ماڻهن ۾ حُرن کي ڦورو، بدمعاش ۽ ڌاڙيل ڪري پيش نه ڪيو وڃي ها..!؟، سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ”حُر“ کي ”ڦُر“ نه لکيو وڃي ها، ڪاش اُن وقت جا سياستدان، ليکڪ، اديب، تاريخدان، دانشور، اخبارن جا ايڊيٽر، رئيس، وڏيرا ۽ جاگيردار گونگي، ٻوڙي ۽ انڌي هجڻ جو مصنوعي ناٽڪي ڪردار ادا نه ڪن ها...!!؟ انگريز سامراج جي رهزن آفيسر ايڇ ٽي ليمبرڪ پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ حُرن کي ڌاڙيل ۽ بدمعاش لکيو آهي ۽ پوري ڪوشش ڪئي آهي ته حُر ڪنهن به حالت ۾ معاشري ۾ پنهنجو اخلاقي مقام ٻيهرحاصل نه ڪري سگهن. ليمبرڪ جي اهڙي ڪِريل حرڪت ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر جنهن وطن جي آزادي لاءِ سورهيه بادشاهه ۽ سندن حُر جانيون قربان ڪري رهيا هجن، انهيءَ وطن جا سڄاڻ ۽ باشعور ماڻهو ڄاڻي واڻي معاف نه ڪرڻ جهڙو خساموش مُجرمانه ڪردار ادا ڪري رهيا هجن ۽ مسلسل حُرن جي خلاف مواد لکڻ ۽ شايع ڪرائڻ جي ونگار وهندا هجن ته اهڙي عمل تي افسوس به نه ٿو ڪري سگهجي...! بهرحال چوٿين دُنيا جي مفڪر ۽ دانشور ٻه صديون ڏسندڙ ۽ حُر تحريڪ دوران علمي شعور جي شعاعن ۾ ڏاهپ جا ڏهي ڏهاڪا خير خوبي سان طئي ڪري هڪ صدي جيتري ڄمار رکڻ جو شرف حاصل ڪندڙ بدنصيب محترم ابراهيم جويو سميت سندن ساڳئي واٽ وٺندڙ سنڌ جي همعصر مفڪرن، ڏاهن، دانشورن ۽ تاريخدانن کي امام انقلاب سورهيه سائين صبغت الله شاهه کي 34 سالن جي ڦوهه جواني ۾ مُرڪندي ۽ مشڪندي ڦاهي گهاٽ جو دروازو ٽپي سولي کي سينگاري شهادت جو رتبو حاصل ڪرڻ ۽ هزارين حُرن جي قربانين، لکين حُرن جي بي گهر ۽ بي زمين ٿيڻ ۽ پنجاب ۽ بلوچستان کان ڪِرائي تي آندل ڌارين کي حُرن جون زمينون ڏئي مالڪاڻا حق ڏيڻ جي ڀلين خبر نه هجي، انهن جي شعوري” بيخبري “ جو مثال اهو آهي ته 1947ع چوڏنهن آگسٽ کان اڳ توڙي جو پوءِ اڄ تائين جي عرصي دوران به سئو سالا مت موڙهيل مفڪر ۽ سندن سنگت جي بدبوءِ دار سوچ تبديل نه ٿي ۽ نه ئي کين حق جو ڪلمو نصيب نه ٿي سگهيو آهي، جيڪڏهن حق جو ڪلمو پڙهن نصيب ٿيو هُجي ها ته سنڌ جي ڪنهن ڪوني مان ڪلمي جو آواز ٻڌڻ ۾ ضرور اچي ها، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪلمو سندن نصيب ۾ ناهي لکيل..!،ڇو ته يزيدي ساٿين کي ڪيئن ٿو حق جو ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿئي...!؟ ”حُر تحريڪ“ کي مختلف زاوين ۽ نظرن سان ڏٺو ويندو آهي، تنهنڪري مختلف فڪري ۽ نظرياتي طبقن پاران حر تحريڪ بابت جُدا جُدا خيال پيش ڪيا ويندا آهن. هڪڙي ڳالهه واضع آهي ته ظلم ، جبر ، ڏاڍ ۽ غلامي جي خلاف حق ۽ سچ جي جنگ هئي.اُن ڪري اندر اُجرو ڪري حُر تحريڪ جي تاريخ جو مشاهدو ڪيو وڃي. پير صاحب موجوده شاهه مردان شاهه هميشه سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جي هلايل حُر تحريڪ بابت کائن جڏهن به پڇيو ويو، تڏهن موٽ ۾ اهو ئي چئي ڳالهه کي گول مول ڪري ڇڏيندا آهن ته ” اهو تاريخ جو حصو آهي، تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي“ هڪڙي موقعي تي پير صاحب صحافين پاران سنڌين جي سرواڻي ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ” جڏهن سنڌي سڌرندا ته آئون انهن جي سرواڻي ڪندس“ سنڌين جي سرواڻي ”سڌرڻ“ سان مشروط ڪرڻ به هڪ غور طلب ڳالهه آهي، جنهن جي پس منظر ۾ تلخ حقيقتون موجود آهن، ڇو ته سنڌي قوم دُنيا ۾ هڪ شاهوڪار ثقافت، تهذيب، ٻولي، تمدن ۽ تاريخ رکي ٿي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو، رڳو هڪڙو پاسو ڏسڻ سان حقيقتن تان پردو کڄي نه سگهندو تنهنڪري ضرورت اُن ڳالهه آهي ته ٻئي پاسي تي به غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ سورمن، منصورن، شهيدن ۽ غازين جي ڌرتيءَ آهي پر افسوس هن ڌرتيءَ تي غدارن ۽ بي وفائن جوجنم ٿيو آهي، جن وقت جي ظالم حاڪم انگريز سامراج جي نمڪ حلالي ڪندي آزاديءَ جي متوالن ۽ مجاهدن کي ڌاڙيل ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. جن خاموش رهي انگريز حڪومت جو ساٿ ڏنو، اهي به تاريخ جا مجرم آهن. منهنجي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اڄوڪي نئين سنڌ جو نئون نسل حُر تحريڪ جي اصل تاريخي حقيقتن کان آگاهه ٿيڻ چاهي ٿو ۽ پڇي ٿو پيو ته انگريزن شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حُرن خلاف جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڪيلي سر ته ڪو نه ڪيو..؟، انهن جي مدد ۾ ڪير ڪير شامل هئا..؟، هيڏي ساري تاريخ کي سالن کان وٺي منظر عام تي آڻڻ کان ڇو لنوايو ويو..؟ انگريز سامراج جو ساٿ ڏيندڙ تاريخ جا مُجرم ڪير آهن..؟ انگريزن کان سر، خانبهادر، نواب ۽ ٻيا القاب ڪنهن ڪنهن ورتا ۽ کين اهي القاب ڇو ڏنا ويا..؟، سنڌ ۾ جاگيرون، زمينون ۽ عهدا ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن ورتا..؟ اُن وقت سنڌ جا سياستدان ڪهڙا هئا ۽ انگريزن پاران حُرن تي ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو..؟ سنڌ جا اديب، دانشور،ليکڪ ۽ سنڌي اخبارن جا ايڊيٽر خاموش ڇو هئا..؟ تڏهوڪا تاريخي واقعا ۽ اصل حقيقتون ڇو نه منظر تي آنديون ويون..؟ ڇا اُن وقت فقط محمد عثمان ڏيپلائي ئي هو، باقي ٻيا صدي جيتري ڄمار رکندڙ چوٿين دُنيا جا مُفڪر ڪهڙي خفي ۾ هئا..؟ اهي سمورا سوال اڄ جو پڙهيل لکيل ۽ باشعور نسل پنهنجي ڌرتي جي روشن تاريخ بابت ڄاڻن چاهي ٿو پر هو ڪنهن کان پڇي؟ ۽ آهي ڪو کين ”حُر تحريڪ“ جي باري ۾ ٻُڌائي ۽ سموريون تاريخي حقيقتون بيان ڪري...!؟ ۽ تاريخ جي انهن” مُجرمن“ جي گناهن تان پردو هٽائي جيڪي انگريز سرڪار جا اڻ سڌي يا سڌي طرح سان حمايتي هئا، نئين نسل کي سمورن سوالن جا جواب ملي سگهندا يا نه ، اهو به هڪ وڏو سوال آهي.؟ هيءَ سمورا سوال سنڌ جي باشعور، حقيقت پسند ۽ سڄاڻ مانوارن جي اڳيان پيش ڪريون ٿا، ٻيو نه ته پڙهندڙ ضرور غور ۽ فڪر ڪري سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪن، کڻي مطمئن ڪندڙ جواب نه به ملي، تنهن باوجود ڪافي سوالن جا جواب آساني سان سامهون اچي ويندا. باقي انگريز حامي بي ضمير ماڻهو شايد غور ڪرڻ جي تڪليف ئي نه ڪن، ڇو ته وطن جا غدار ۽ انگريزن جا ڇڏيل نمڪ حلال” يزيدي ٽولي جا سپاهي“ اڄ به موجود آهن....!!!؟ انهن جو ڪمال اهو آهي ته يزيدي ڪردار ادا ڪرڻ کان اڄ به قاصر ناهن،انهيءَ ڪردار کي نڀائيندي اهو به لکيو پيو وڃي ته” شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جي گُم ٿيل رڪارڊ جا پيرا حُرن ڏانهن وڃن ٿا، اهو به سينو تاڻي لکڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ موجود رڪارڊ مان قيد ٿيل حُرن جيل ۾ صفائي جو ڪم ڪندي فائيلن مان سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جي حوالي سان موجود پنن کي ڦاڙي غائب ڪيو آهي.“ واهه سائين واهه...!!؟ ماضي جيان هن جديد دور ۾ اهڙي ڳالهه ڪرڻ بيوقوفي، ڪٽرپڻي ۽ ذاتي عناد هجڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، ڇو ته جيڪڏهن قيد حُر صفائي يا ٻين ڪمن دوران فائيل کولي اُن مان پنا ڦاڙي گم ڪري ڇڏيندا هئا، پوءِ ته جيل جي سرڪاري آفيسن ۾ فائيل ننڌڻڪا پيل هوندا هئا ، ڪو به قيدي اُن مان مرضي جو پيپر ڪڍي پئي سگهيو، ٻيو اهو ته حُر وڏا پڙهيل لکيل هئا جو کين فائيلن ۾ انگريزي ۾ موجود سورهيه بادشاهه جي پيپرن کي ڦاڙي پاڻ وٽ لڪائي رکندا هئا، اهو به غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيل جا انتظامات ايترا خراب هئا جو آفيسن جو سرڪاري فائيلن ۾ موجود رڪارڊ ائين ٻاهر پيا هوندو هو، حُر ايترا وڏا پڙهيل هئا جو کين انگريزي به سمجهه ۾ ايندي هئي، جو اهي فائيلن مان سورهيه بادشاهه جي حوالي سان پيل رڪارڊ ڪڍي ڇڏين، جيل عملي جا ڪلارڪ ۽ آفيسر حُرن جا همدرد هئا، جو کين موقعو ڏنو هوندن ته فائيلن مان ڀلين رڪارڊ ڪڍوس. هاڻي فيصلو ڪريو ته مانوارا ليکڪ ۽ تاريخ دان اڄوڪي دور ۾ يزيدي ڪردار ادا ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهين...!!؟حُر تحريڪ دوران جن ضمير جو سودو ڪيو، غيرت وِڪي، عزت نيلام ڪئي، وطن جو سودو ڪري غلامي جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتو، جاگيرون، القاب ۽ زمينون ورتيون تن جي باري ۾ اڄ جو نوجوان نسل ڄاڻڻ چاهي ٿو.
سيد علي محمد شاهه راشدي سنڌ جو نامور اديب ۽ محقق پڻ هو، جنهن جو سنڌي ٻولي ۾ شاهڪار ڪتاب ” اهي ڏينهن اهي شينهن“ جنهن ۾ هن سنڌ جي هر طبقي جي خدمتگارن، قربانيون ڏيندڙن، عظيم ماڻهن جو تفصيلي ذڪر ڏنو آهي سواءِ دنيا جي عظيم رهنما ۽ حُر تحريڪ جي سرواڻ شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جيِ...!!؟ سائين جي ايم سيد سميت ٻين ساڳيو پورهيو ڪندي راشدي واري واٽ ورتي ۽ انهن به سنڌ جي ٻين خانبهادرن، نوابن، سرن جيان انگريزن جو ساٿ ڏيندي موقعو فراهم ڪيو ته جيئن اهي حُرن مٿان ظلم ڪندا رهن، ايستائين جو راشدي صاحب سڄي حُرتحريڪ ۾ انگريز آفيسرن جي مشاورتي ڪاميٽي جو اهم رازدار رُڪن رهيو، سندن تجويزن ۽ مشورن تي غور ڪيو ويندو هو، نه رڳو غور پر ڪافي فيصلن تي عمل به ڪيو ويندو هو، راشدي صاحب جي سازشي صلاحيتن جي ڪري گورنر سنڌ ڊائو کين ”شـاطـر“ ڪوٺيندو هيو، سندن مفيد مشورن ۽ صلاحيتن کي انگريز آفيسر پڻ ساراهيندا هئا.1942ع ڌاري سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرائي صرف ڏيڍ ڪلاڪ اندر ” حُر ايڪٽ “ پيش ڪري منظور ڪرايو ويو، جيڪو دنيا جو گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ڪنهن به ايوان جو وڏي ۾ وڏي شخصيت آزادي جي امام جي سپاهين کي مجرم قبيلو قرار ڏيئي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ فيصلو هيو جيڪو خيرن سان سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن بنا دير جي ڪري حيران نه ڪيو، ڇو ته انگريز حامين ۾ ٻي ڪهڙي اُميد رکي پئي سگهجي...!؟ جيڪي ايوان مان غير حاضر رهي اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي هئي، سي به تاريخ جا ڏوهاري آهن. الله بخش سومرو ۽ حيدربخش جتوئي کان وٺي ارباب توگاچي ( ارباب غلام رحيم جو ڏاڏو) تائين سمورا سياستدان، اسيمبلي ميمبر توڙي سنڌ جا وڏ گهراڻا تاريخ ۾ بيوفا ۽ غدارِ وطن ليکيا ويندا. جس هجي خدابخش ٽالپر لانبٽ ٽنڊي باگي واري کي جنهن جيئن جو تيئن نڀايو، اهڙا ڪيئي ٻيا به سنڌ جا سنڌ ڌرتي جا محب هئا جن ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جي مدد ڪئي آهي. 1942ع جي ڊسمبر ۽ 1943ع جي جنوري_ فيبروري توڙي جو سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد 1943ع جي اپريل مهيني ۾ انگريز آفيسرن جي اهم ۽ خفيه گڏجاڻين ۾ سنڌ جي اهم بااثر سياستدان، جاگيردار ۽ وڏيرا شريڪ ٿيندا هئا، انهن ۾ راشدي صاحب به شامل هوندو هيو، مارچ 1943ع کان اڳ فيبروري مهيني ۾ گڏجاڻي دوران سنڌ جي گورنر ڊائو مشورو وٺي رهيو هو، اُن گڏجاڻي ۾ راشدي صاحب به موجود هيو، گورنر ڊائو جو چوڻ هيو ته حُرن جي تحريڪ کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي؟ جنهن جي جواب ۾ موجود سمورن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني، جڏهن راشدي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته راشدي صاحب چيو ته حُرن جي طاقت فقط سورهيه بادشاهه جي موجودگي ۾ آهي، جيڏهن کين ڦاسي ڏني وڃي ته حُر وڏي صدمي سبب تحريڪ جاري رکي ڪونه سگهندا، انهي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو باقي ناهي. خير گڏجاڻي ۾ اهو حتمي فيصلو ڪيو ويو ته سورهيه بادشاهه کي ڪنهن به حالت ۾ عدالت ذريعي ڦاسي جي سزا ڏني ويندي. جوڙيل حڪمت عملي تحت 20 مارچ تي شهيد ڪيو ويو،شهيد سورهيه بادشاهه جي جسد خاڪي لاءِ به گورنر ڊائو گڏجاڻي رکي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ راشدي صاحب به مشورو ڏنو ته جيڪڏهن قبر به سنڌ ۾ موجود هوندي ته اهي حُر اُن کي مرڪز بڻائي وڙهندا رهندا، تنهنڪري جسد خاڪي کي ڪنهن ڏورانهين هنڌ دفن ڪيو وڃي، سو اهڙي طرح سان شهيد جي جسد خاڪي به وارثن ۽ حُرن کي نه ڏني ويئي. پوءِ حُر ويڙهاڪ ماٺ نه ٿيا، ڪاروايون جاري رکيون، انگريز آفيسر سخت پريشان ٿي ويا، نيٺ گورنر سنڌ ڊائو گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ اها ايجنڊا رکي ويئي ته پاڳارا خاندان جي گادي بحال ڪجي يا نه ؟ اُن دوران ٻين سان گڏ راشدي صاحب جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن گادي بحال نه ٿي ته هي ويڙهاڪ حُرن تي ضابطو آڻڻ ٻي ڪنهن فورس جي وس ۾ نه آهي. سو گادي بحال ڪئي وڃي ۽ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي صاحبزادن کي پڙهائي جي بهاني سان ٻاهرين ملڪ اُماڻيو وڃي ته جيئن انهن جو دماغ مان پيري مُريدي وارو نظريو ختم ٿي وڃي، انگريز ڊائو پڇيو ته ٻيو ڪير پاڳارو ٿئي، اُن حُالي سان راشدي صاحب صلاح ڏيندي چيو ته ٻيا به راشدي موجود آهن پر انهن ۾ مان اوهان جو وڏو وفادار آهيان ۽ منهنجون خدمتون ۽ قربانيون اوهان آڏو آهن، ته پوءِ مون کي ئي پاڳارو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ آئون حُرن کي قابو ڪري ڇڏيندس. تنهن تي گورنر ڊائو چيو راشدي صاحب آئون جڏهن ننڍڙو هئس تڏهن پنهنجي والد سان گڏجي سنڌ گهمڻ آيو هئس، اُن وقت مون توکي ڏٺو هو، اُن مهل ئي مون کي خبر پئجي ويئي ته تو جهڙو شاطر دنيا ۾ ٻيو ڪو ناهي. راشدي صاحب اوهان ته پنهنجي برادر سان وفا ڪو نه ڪري سگهيا ۽ اسان تو جهڙي شاطر ماڻهو کي پاڳارو ڪري سورهيه بادشاهه جا بهادر ۽ نڊر حُر حوالي نه ٿا ڪري سگهون. سورهيه بادشاهه کي رڳو انگريزي ڳالهائڻ ڪو نه ٿي آئي نه ته سندس دليل ايترا سگهارا هئا جو کين ڦاسي نه اچي سگهي ها. گورنر ڊائو چيو ته اسان ايڏا بيوقوف ناهيو جو توکي پاڳارو ڪري گادي تي ويهاري ڇڏيون. باقي تو کي وڏا وڏا لقب ۽ جاگيرون ته ڏئي سگهون ٿا جيڪا تنهنجي مرضي.. گورنر ڊائو کي راشدي صاحب ورندي ڏيندي چيو ته گورنر صاحب جيڪڏهن اوهان مون کي پاڳارو بڻائي نه ٿا سگهو ته پوءِ آئون ايڏو بيوقوف ناهيان جو جاگيرون ۽ توهان جا سر، خانبهادر ۽ نواب جهڙا لقب وٺان جيڪي هميشه منهنجي شناخت بڻيا رهن. راشدي صاحب جي چالاڪي ۽ ذهانت جو اندازو لڳائڻ لاءِ تاريخ جو غور سان مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي، انگريز حڪومت جي ڪن مشيرن ۽ وفادارن کي سَر، خانبهادر، نواب جا القاب عطا ڪيا ويا ۽ ڪن کي ته جاگيرون ڏنيون ويون پر راشدي صاحب پاران انگريز سامراج جي لقبن ۽ جاگيرن کي ٺڪرائڻ به شطرنج جي دماغي راند هئي ،جيڪا ذهني سازش سندن صلاحيتن ۽ دور انديشي جو مظهر آهي، آخر راشدي صاحب سندن پورهئي جو اُجورو لقبن ۽ جاگيرن جي صورت ۾ ڇو نه ورتو؟ حالانڪه کين دٻاءُ وجهي به آڇيو ويو هو، اهو هڪ سڌو ۽ سادو سلجهيل سُٽ آهي،صرف تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ پاڻهي منجهيل سُٽ سُلجهي ويندو، هونئين ڪيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ سياسي وڏ گهراڻا وطن جي غدارن واري قطار ۾ نظر ايندا. پير سائين سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد سندن فرزندن سيد شاهه مردان شاهه پير سائين پاڳارو ۽ ميان نادر شاهه کي 1946ع تي انگريزن پنهنجي حوارين ۽ ساٿين سان صلاح مشوري کانپوءِ پڙهائي جي بهاني عليگڙهه جي ڪاليج موڪليو ڇڏيو، اهو هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪيو ويو ته جيئن ٻئي ڀائر هڪ ته حُرن کان پري رهندا ۽ ٻيو اهو ته انهن کي اهڙي تعليم ڏني ويندي جو سندن ذهن پيري مُريدي واري طريقي جي خلاف ٿي ويندا. تنهنڪري گادي تي ٻيو پنهنجي مرضي جو پير ويهاريو ويندو ، ٻي صورت ۾ گاديءَ کي بلڪل ختم ڪيو ويندو ۽ لوڙهن ۽ جيلن ۾ قيد حُر اذيتونڀوڳيندي ڀوڳيندي تنگ ٿي نيٺ ٻيو در جانچيندا. سنڌ جو نامور ڏاهو، دانشور، تاريخدان ۽ سگهڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خليفو محمد عاقل هنڱورو عليگڙهه ڪاليج ۾ داخل ورتي، جتي پير صاحب ۽ سندس برادر سان ملاقاتيون پڻ ڪندا رهندا هئا. ٻئي پير سائين روضي ڌڻي رحه جي درگاهه جا فقير هئا. جڏهن انگريزن ۽ سندن حوارين کي اها خبر پيئي ته فورن ٻنهي ڀائرن کي عليگڙهه ڪاليج مان ڪڍي انگلينڊ موڪليو ويو، جتي هڪ خانگي اسڪول ۾ رکي مرضي جي خلاف مضمون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جنهن تي پير صاحب احتجاج به ڪيو هو. اُن اسڪول ۾ ٻين ملڪن جي باغي خاندانن جا ٻار به زير تعليم هئا. اُن دور ۾ به پير صاحب پنهنجي هٿن سان سنڌي ٻولي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي خط لکي اُتي جي حالتن بابت آگاهه ڪندو رهندو هو. پير صاحب جا لکيل خط بلوچ صاحب وٽ محفوظ پيل آهن. اُنهي دور ۾ حُر جماعت پنهنجي مُرشد کان سواءِ عذاب ۾ هئي، کين سخت اذيتن مان گذاريو پئي ويو، سندن آواز ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو، روزانو ٿاڻن تي حاضريون ورتيون وينديون هيون، مختلف طريقن سان کين تنگ ڪيو ويندو هو ، خاص خليفن ۽ معتبرن کي قيد ۾ رکيو ويو هو، حُر جماعت پنهنجي مُرشد جي آمد جي انتظار ۾ هئي ۽ کين اُميد هئي ته نيٺ ڏاڍ ۽ ڏمر جي ديوار ڪِرندي ،اسان جو مُرشد واپس ايندو ۽ اسان کي هنن تڪليفن ۽ اهنجن مان جان ڇڏرائيندو. هڪ طرف لوڙهن ۽ جيلن ۾ قيد حُرن جون اُميدون ٻي طرف وطن جي آزاديءَ بعد سنڌ حڪومت، سنڌ مسلم ليگ سميت ٻيون ڌريون جن پير صاحب جي گاديءَ بحال نه ڪرڻ جو فيصلوڪري ڇڏيو هو.
1949ع جي نومبر مهيني ۾ هندستان جي وزيراعظم جواهر لعل نهرو، جيسلمير جي راجا جُهار سنگهه کي گهرايو ۽ کين چيو ته پاڳاره خاندان جي گادي پاڪستان ۾ بحال ٿي نه سگهندي ڇو ته حڪومت قطعي طور تي بحال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري ڇو نه جيسلمير ۾ گاديءَ بحال ڪئي وڃي. هندستاني وزيراعظم جي اها سازش هئي ته سنڌ ۾آباد پير صاحب جا حُر لوڙهن ۽ قيد خانن ۾ عذاب ڀوڳي رهيا آهن، آساني سان مڃي وٺندا، اهڙي طرح سانرڻ ڪڇ کان وٺي رحيم يار خان تائين رهائش پذير حُر جماعت به ٽٽي اسان سان گڏ ٿي ويندي، سنڌ ڪمزور پڻ آهي، اُن جو فائدو به ٿيندو. سو جيسلمير جي راجا جماعت جي خاص خليفن غازي فقير مڱريو ۽ راڻي فقير ڪلر کي گهرائي چيو ته ” پاڪستان سرڪار نه ٿي چاهي ته پير پاڳارا جي گاديءَ بحال ٿئي، تنهنڪري هندستان حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گاديءَ جيسلمير رياست ۾ بحال ڪري ڏني وڃي، اُن لاءِ جيسلمير رياست جو حصو ۽ شاهي محل جو مٿيون حصو پڻ پير صاحب جي حوالي ڪيو ويندو، رڳو اوهان اسان سان گڏ ٿيو ۽ ماحول ٺاهيو ته جيئن جلدي ئي گاديءَ بحال ڪري ڇڏيون.“ جنهن تي ٻنهي فقيرن جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا ۽ راجا کي ورندي ڏيندي چيو ته ” اوهان جي مهرباني پر جيڪڏهن گادي بحال ٿيندي ته فقط اصل خانقاهه روضي ڌڻي رحه پير جو ڳوٺ تي ٿيندي، هتي پير صاحب صرف رسمي پير هوندو، تنهنڪري هتي گاديءَ جي بحالي جو سوال پيدا نٿو ٿئي“. جيسلمير جي راجا چيو ته ” توهان هڪڙي پاسي پنهنجي پير جي لاءِ روئي رهيا آهيو ۽ ٻي پاسي گادي جي بحالي کان انڪار به ڪري رهيا آهيو“. ٻنهي فقيرن فورن محمد حيات جوڻيجي ( سانگهڙ واري) کي حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ گذارش ڪئي گاديءَ بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. محمد حيات جوڻيجي گاديءَ جي بحالي لاءِ سيد علي محمد شاهه راشدي سان رابطو ڪري سڄي حقيقت بيان ڪئي ۽ پير صاحب جي گاديءَ بحال ڪرائڻ لاءِ چيو، خير حيات جوڻيجي پاران حقيقت ڪرڻ بعد راشدي صاحب” من جون مُرادون“ پوريون نه ٿيڻ ۽ مٿن لڳل” ڪارو داغ “ ڌوئڻ جو سنهري موقعو سمجهي، اُن وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان تائين ڳالهه پهچائي، وزيراعظم اُن وقت جي حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي 1950ع جي شروعاتي مهينن ۾ انگلينڊ وڃي پير صاحب ۽ سندس برادرم جناب نادر علي شاهه سان ملاقات ڪري گادي بحال ڪرڻ جي آگاهي ڏني. اُن بعد ٻنهي ڀائرن کي صرف هڪڙي مهيني لاءِ پاڪستان سرڪار اجازت ڏني ، ٻئي ڀائر پورو مهينو هتي اچي رهيا، ڏينهن درگاهه شريف تي گذاريندا هئا ۽ رات سرڪٽ هائوس سکر ۾ اچي رهندا هئا، مٿن سخت نظر هوندي هئي، ايستائين جيڪي به ساڻن ملڻ لاءِ ايندا هئا،انهن کان پڇا ڳڇا ٿيندي هئي.ٻئي ڀائر مهيني بعد واپس روانا ٿي ويا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ شامل ميمبرن ۽ مسلم ليگ جي ميمبرن سميت سنڌ جي انهن ماڻهن به گادي بحالي جي سخت مخالفت ڪئي، جن حُرتحريڪ دوران انگريزن جو ساٿ ڏنو هو، ڇو ته کين خوف هو جيڪڏهن گادي بحال ٿي ته پير صاحب پاڳارو پنهنجي والد ۽ سندن حُرن جو بدلو وٺندو،کين بچائڻ وارو به ڪو موجود ڪونهي. انگريز حامي سنڌ جي انهن ماڻهن ۾ خوف موجود هيو، تنهنڪري هنن وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو، اُن ڪري هو به گادي بحالي جي خلاف ٿي چڪو هو.1951ع ۾ لياقت علي خان قتل ڪيو ويو، تيستائين ته نه حُرن تان سختيون گهٽ ٿي سگهيون ۽ نه وري پير صاحب جي گادي بحالي ۾ ڪا عملي طرح سان پيش رفت ٿي سگهي، اُن کان پوءِ ئي گادي بحالي جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون، تڏهوڪي سنڌ جي گورنر دين محمد شيخ ذاتي دلچسپي وٺي سمورين رڪاوٽن جو وٺڻ بعد اعتراض واريندڙ ڌرين سان ڳالهايو ۽ انهن جا خدشا به ٻڌائين. گورنر دين محمد شيخ تمام گهرائي سان سڄي معاملي جو جائزو وٺي گادي بحال ڪرائڻ وارين ڪوششن ۾ ڪامياب ويو.پير صاحب سان رابطو ڪيو ويو، سمورين ڳالهين بابت ٻڌايو ويو ۽ خاص طور تي سنڌ واري سنگت جي خوف ۽ خدشي بابت به آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي پير صاحب پڪ ڏياريندي چيو ته ” اهي بدلي وٺڻ جي لائق ناهن جو کائن بدلو وٺان، نئون وطن اسان جو ملڪ آهي، جنهن جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هميشه تيار رهنداسين.“
چوٿين فيبروري 1952ع تي حضرت راشد شاهه روضي ڌڻي رحه جي درگاهه شريف ٻيهر آباد ٿي ، جڏهن پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني موجوده بادشاهه ۽ سندن برادر ميان نادر شاهه هن ملڪ ۾ وطن جي آزادي جي هيري عظيم سرواڻ شهيد سورهيه بادشاهه جا لخت جگر ڪراچي پهتا ته سندن آجيان ۾ هن سنڌ جو تڏهوڪو وڏو وزير ۽ ٻيا حڪومتي وزير، مشير توڙي مسلم ليگ جا ميمبر ۽ معززين نه آيا، پر جيڪڏهن آڌر ڀاءَ لاءِ پهتا ته سندس فقير ئي هئا، گورنر دين محمد شيخ به اُتي موجود هيو. ٻئي ڀائر پنهنجي فقيرن سميت سڌو درگاهه پير جو ڳوٺ پهتا، جتي انگريزن جي بمباري سبب بنگلو مسمار هجڻ ڪري تنبو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ ٻئي ڀائر رهندا هئا. اهڙي طرح گادينشيني جي تقريب ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ راشدي خاندان جي بزرگن، حُر جماعت ۽ ٻين معززين پڻ شرڪت ڪئي، علي محمد شاهه راشدي کي به شرف حاصل ٿيو. جيئن ئي گاديءَ بحال ٿي ته پير صاحب پنهنجي حُرجماعت کي پهريون روحاني خطاب ڪيو، جنهن ۾ چيو ته ” هيءَ نئون وطن اسان جو وطن آهي، تلخ ماضي کي وساري نئين مستقبل جي باري ۾ سوچيو، جيڪو اوهان جو روشن ماضي بڻبو.“ هن خطاب کان پوءِ پير صاحب وڌيڪ چيو ته ” اوهان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيو، ڪيسن کي قانون موجب عدالتن ذريعي منهن ڏيو، جيڪو ائين نه ڪندو ، اهو منهنجو مُريد ناهي.“ يقين ڪريو هزارين حُرن پير صاحب پاڳارا جي حُڪم تي عمل ڪندي هٿيار ڦٽا ڪري ٿاڻن تي گرفتاريون پيش ڪيون ۽ عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏنو. اُتان باعزت بري ٿي آزادي سان زندگي گذارڻ لڳا. جيڪي حُر سالن کان وٺي لوڙهن ۾ قيد اذيتون ڀوڳي رهيا هئا، سي حڪومتي حُڪم تي پهرين اپريل جي رات ٻارنهن وڳي آزاد ڪيا ويا، پهرين اپريل دُنيا جا ماڻهو ” اپريل فول “ جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، مگر اهو ڏينهن حُر لوڙهن مان آزاد ٿيڻ تي پنهنجي آزاد ملڪ ۾ ” يومِ آزاديءَ “ ڪري ملهائيندا آهن. پير صاحب پاڳاري پنهنجي والد ۽ هزارين حُرن کي انگريزن جو ساٿ ڏيئي شهيد ڪرائيندڙ سنڌ جي جاگيردارن، رئيسن، زميندارن، خانصاحبن ۽ سرن سميت سنڌ جي اديبن، دامشورن ۽ تاريخدانن کي معاف ڪري ڇڏيو، عالم انسانيت جي تاريخ ۾ تمام گهٽ مثال ملندا جن الله سائين جي حبيب حضور محمد صلي الله عليه وسلم جن سُنت تي عمل ڪندي پنهنجي دشمن کي معاف ڪري ڇڏيو هجي. پير صاحب پاران معاف ڪرڻ تاريخي قدم هو، جنهن ملڪ کي وڏي بحران کان بچائي ڇڏيو.
1952ع کان پوءِ پير صاحب حُر جماعت جي اهڙي نموني سان تربيت ڪئي جو تلخ ماضي جي مشڪل ۽ درد ناڪ حالتن مان ٻاهر ڪڍي سلامتي ،بهتري، بهبوديءَ، ڪاميابي ۽ ڪامراني جي واٽ تي آڻي دشمنن جي اُن ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو، جن اهو پئي چيو ته ” حُر اهڙي ظلم ۽ ڏاڍ جي چڪي ۾ پيڙجي چڪا آهن ، ڪڏهن به وڃايل وقت واپس موٽائي نه سگهندا ۽ هميشه دربدري واري زندگي گذاريندا پيا “. هاڻي وڌيڪ لکڻ بدران مختصر ڪريون ٿا، ڪجهه ڳالهيون لکڻ جي جسارت ڪجي ٿي، اُنهن ڳالهين تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڳارا خاندان، سورهيه بادشاهه، حُر تحريڪ، انگريز سامراج، سازشون، حڪمت عمليون، ڪوڙا ڪيس، سنڌ جا سياستدان، سنڌ مسلم ليگ جا ميمبر، سنڌ حڪومت جي ميمبرن جو ڪردار، سنڌ جي اديب، دانش جا ڌڻي ، وقت جا مقرر، عالم، تاريخدان، سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر ۽ مُدير اعليٰ، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد ۾ حُرن کي ڌاڙيل ۽ دهشتگرد ڪري پيش ڪرڻ، سنڌ جي پوليس ۽ ٿاڻا، سنڌ ۽ ٻاهر حُرن کي قيد ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل لوڙها، روزانو حُرن جون ٿاڻن تي حاضريون، هٿ وٺي ڪرايل چورين ۽ ڦرن جون وارداتون ۽ اُن جوحُرن مٿان لڳايل الزام، ڪوڙا ڪيس، سورهيه بادشاهه جي گرفتاري، مدناپور، رتناگريءَ ۽ ٻين جيلن ۾ قيد ڪري رکڻ، جيل ۾ ”تنبيهه الفقرا“ ڪتاب جو لکڻ، 1937ع ڌاري سورهيه بادشاهه جي آزاديءَ، حج جي سعادت لاءِ اُسرهڻ،ڳڙنگ بنگلي تي غازين جي ڀرتي، ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جو نعرو، ٻيو ڀيرو 1941ع ڌاري سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪرڻ ، سورهيه بادشاهه کي سزا ڏيارڻ لاءِ جُڙتو عدالت جو قيام، پير صاحب کي وڪيل لاءِ مناسب وقت نه ڏيڻ، سورهيه بادشاهه خلاف شاهدي ڏيارڻ لاءِ شاهدن کي تربيت ڏيڻ ،ڌارين کي پنجاب ۽ بلوچستان مان آڻي اسپيشل فورس تيار ڪرڻ، حُرن جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ،سورهيه بادشاهه کي ڦاسي تي چاڙهڻ جا سانڀاها ڪرڻ، انگريز گورنر ڊائو، ليمبرڪ ۽ ٻين آفيسرن سميت سنڌ جي نامور سياستدانن وچم ٿيل خفيه گڏجاڻيون ، سورهيه بادشاهه کي 1943ع ويهين مارچ تي ڏنل ڦاسي، گم ڪيل جسدخاڪي، جلاوطن ڪيل سندن فرزند، حُرن کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪرڻ، 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو آزاد ٿيڻ، حُرن کي آزادي ڏيڻ بدران غير آئيني طور تي لوڙهن ۽ جيلن ۾ بند ڪرڻ، انگريز آفيسر ليمبرڪ جو لکيل ڪتاب ” دي ٽيررسٽ“ يعني ” دهشتگرد، محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” سانگهڙ“، سابق ڊي آءِ جي پوليس آفتاب نبي جا روزانه انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ لکيل مضمونن تي مشتمل ڪتاب” سورهيه بادشاهه“ ، حميده کهڙو ۽ سارا انصاري جا لکيل ڪتاب، خادم حسين سومري جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ” فريڊم فار دي گيلوز “، منصور قادر جوڻيجو جو لکيل ڪتاب ، پروفيسر محمد عمر چنڊ جو لکيل ڪتاب ” حُر تحريڪ “، ڪيترن ئي اخبارن ۾ لکيل مختلف مضمون، لنڊن جي لائبريري مان آندل هزارين صفحن تي مشتمل مواد، سانگهڙ جي دوستن جو حُر تحريڪ جي حوالي سان ڪيل ڪم تي به سوچيو ۽ سنڌ جي مهان ۽ نامور دانشورن، اديبن ۽ محققن پاران سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل ڪيئي ڪتابن جو مطالعو ڪري فيصلو ڪريو ته سندن لکيل تاريخي مواد ۾ ڪٿي به سورهيه بادشاهه ۽ حُرن جي قربانين جو ذڪر نه ٿو لڀي...!! جيڪڏهن سنڌ جي ڪجهه اخبارن ۾ دٻيل لفظن ۾ لکيو ويو ته اهو روزانه آزاد ڪراچي، روزانه قرباني، باب الاسلام، الوحيد، روزنامه زميندار لاهور، روزنامه هندستان ( سنڌي ۾ ) هفته روزه پيغام صلح اهڙيون اخبارون هيون جن انگريزن جي خوف سبب ڪجهه نه ڪجهه لکيو ويو، انهن اخبارن جي ادارين کي سهيڙي حڪيم حافظ محمد يعقوب هڪ ننڍڙو ڪتاب ” حُر مظلومون ڪي آواز “ اُردو زبان ۾ چپرايو، جيڪو انهي وقت وڏي ديده دليري ۽ بهادري جو ڪم هيو، کين اهڙي ڪم ڪرڻ تي سلام پيش ڪجي ٿو. ٻي طرف سنڌ جي ٻين دانشورن، اديبن ۽ محققن بابت به سوچيو وڃي. ڏسو جيڪڏهن حڪيم حافظ يعقوب جهڙو ماڻهو حق جي ڳالهه لکي پئي سگهيو ته ٻين جو ضمير ستل ڇو هيو....!!؟
پير صاحب جي گادي بحالي بعد سورهيه بادشاهه جي جانثار منصورن ۽ سرويچن جي جماعت جي هڪ ٻئي دور جي ابتدا ٿي، جنهن دور ۾ هٿيار انگريز حامي ديسي درندن ۽ ذاتي مخالفن خلاف کڻڻ بدران هر وقت پنهنجي وطن پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ اُڀا ڪري دشمن فوج سان مهاڏو اٽڪائڻ جو وچن ڪيو ويو، انهي وچن ۽ وعدي جو نمونو سڄي دُنيا ڏٺو ته جڏهن هندستان پاران اسان جي ملڪ مٿان اوچتو حملو ڪيو ويو، تڏهن سورهيه بادشاهه جي انهن حُرن موجوده بادشاهه پير صاحب جي حُڪم تي دشمن فوج خلاف 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ اڳئين محاذ تي مقابلو ڪيو.پير صاحب خود عمرڪوٽ پهچي نگراني ڪئي . ڳالهه پڇڻ ۽ ڄاڻڻ جي اها آهي ته ڌرتي جي آزادي لاءِ جان جو نظرانو پيش ڪري سولي کي سينگاريندڙ امام انقلاب سورهيه بادشاهه ۽ لکين حُرن جي قربانين جو ذڪر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ محققن جي قلم جي نوڪ ۽ سندن مَت آخر ڇو موڙهيل رهي...!!؟. هونئين ئي اها ڳالهه اتساهه ڏيندڙ آهي ته ” سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ٻڏندي ڪڏهن به ناهي“. تنهنڪري سچ کي ڀلين ذاتي ڪٽر پڻي ۽ حسد جي بنياد تي لِڪايو وڃي پر سچ ڪڏهن به لڪي ناهي سگهندو..؟ رهي ڳالهه ڌرتي جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ حُرن جي، جن چوٿين فيبروري 1952ع کان پوءِ نئين دور جو سفر ڪجهه اهڙي طرح شروع ڪيو جو اڄ انهي جماعت جا فقير معاشي، سياسي، سماجي، علمي طور تي ايترا اڳڀرا ٿي چڪا آهن، جنهن جو مخالفن کي به اندازو نه هيو. حُر تحريڪ ۽ پير صاحب جي گادي ءَ جي گادي بحالي سان لاڳاپيل ڪيئي سوالن جا جواب اڄ به ملي ناهن سگهيا، وقت ايندو ته ڌرتي جي غدارن جا نالا وٺي نروار ڪري عام ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويندو، جن کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. انهي وقت جو انتظار آهي. نيٺ سچ، سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ، ڪوڙ ٿيندو ڇو ته وقت خود مصنف آهي ۽ تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائيندي آهي. اها موجوده پير سائين جن جي دورانديشي ، اعليٰ بصيرت ۽ ڏاهپ آهي جو 1952ع واري حُر جماعت کي انهيءَ منزل تي رسائي ڇڏيو آهي،اُن منزل تي رسڻ واري جماعت اها دعويٰ ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿي ته اڄ تاريخ پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، مخالف اخلاقي طور تي اُن ڏينهن مري مِٽي ويا هئا ، جنهن ڏينهن تي پير صاحب پاڳاري انهن کي انتقام جي قابل نه سمجهي معاف ڪري ڇڏيو هئائين. جن هٿيارن سان حُرن کي ماريو ويو، اهي هٿيار حُرن ملڪ جي حفاظت لاءِ کڻي ثآبت ڪري ڇڏيو ته نه اهي دهشتگرد، ڦورو ۽ وطن دشمن نه هئا. جن ايوانن ۽ اسيمبلين ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حُرن کي چيڀاٽي ختم ڪرڻ جون سازشون پئي سٽيون ويون ،تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائيندي انهن ايوانن ۾حُرن کي ويهاري ڇڏيو آهي، اڄوڪي حڪومت شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حُرن سان ڪيل زيادتين ۽ ظلمن تي کائن معافي وٺي، خاص طور تي جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر ۾ ڪا مڻيا آهي ته هو ايوان ۾ رٿ پيش ڪري ڏيڍ ڪلاڪ کان به اڳ پيش ڪري منظور ڪرائي حُرن کان معافي وٺي، ساڳئي اسيمبلي ۾ حُرن خلاف ڪارو قانون جي رٿ پيش ڪري منظور ڪرائي ويئي هئي. ڇا اڄوڪي سنڌ اسيمبلي مان اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ...!!؟
hot kajan na hisab

SHAH LATIF BHITAI
Some people say that he fell in love, left home, became a phenomenon and came back to marry the woman who had been refused to him earlier. There is no way of knowing whether the career of Shah Abdul Latif Bhittai of Sindh actually paralleled the Count of Monte Cristo so closely (and we need to be careful about apocryphal stories woven around the lives of great saints), but there are other testimonials to the warmth of the heart that throbbed in him.
The most astonishing is the way his work captured the spirit of a new age that was coming up not only in the Muslim world but also outside.
Bhittai was born in 1689 and died in 1752. This was when the Muslim world seemed to be awakening to the realisation that a universal ideal could be manifest in regional forms. Hence Abdul Wahhab in Hejaz set out to distinguish between the crux of Islam and historical accretion while Shah Waliullah of Delhi taught that the traditional model of Islam was an application of its ideals in the context of the seventh century Arabia and many other applications were possible in other contexts. Surprisingly, the new ideals that started developing in Europe around this time also converged on regional states.
The only poet from that period whose work may be said to represent all possible facets of this new life on behalf of everyone was Bhittai. If the works of earlier regional poets from any region were translated into another language they would all sound the same, but the work of Bhittai could not lose its local reference in any translation. Yet, it could not be said to be lacking in what was embodied in all others.
This was something which, interestingly, would become increasingly pronounced in subsequent popular writers of Muslim India such as Waris Shah, Mir Taqi Mir, Sachal Sarmast, Mir Amman, Mirza Ghalib, Bahadur Shah Zafar, Sir Syed Ahmad Khan, Iqbal and so on. In this string, the poetry of Bhittai serves as the first practical demonstration of the fact that a universal vision could manifest in regional form — or “think global and act local,” as the environmentalists were going to declare much later.
How world class poets receive their inspiration is still a mystery, but most Sufi poets who cared for the feedback of their audiences (unlike the proponents of “high literature” in our times) used certain common symbols, metaphors, patterns and designs within designs — mise en abyme — in their work. One such pattern was the Five Divine Presences. Another was the “seven stages” which may have been originally derived from the seven verses of the first chapter of Quran but subsequently it became the framework for strings of seven stories in The Seven Beauties by Nezami Ganjavi and The Seven Thrones by Abdul Rahman Jami, and the seven valleys in The Conference of the Birds by Sheikh Fariduddin Attar, the seven destinations in the celestial journey of Iqbal in Javidnama, the seven lectures in The Reconstruction of Religious Thought in Islam by the same thinker and some products of subsequent mainstream Pakistani culture.
In the work of Bhittai, these stages find expression through his famous heroines. Orientalists have observed that the succession of Sohni, Sassi, Leelan, Moomal, Marui, Noori and Sorath represent the seven stages of the soul. The journey begins with the breaking of the pot which carries Sohni across the river but also brings her back after each meeting with the beloved, and therefore it must break — and she must drown — if she has to be united with him forever.
Subsequently, Sassi learns the unity of creation, Leelan finds out that Truth is a jealous beloved, Princess Moomal has to be won through dangerous tests of ingenuity and resilience, Marui must defy oppression, Noori should remember her roots and Sorath must die on the funeral pyre from where her lover will come back like phoenix rising from the ashes.
Indeed, quite an apt allegory, and Bhittai’s speciality is that he doesn’t narrate complete stories but offers dramatic monologues highlighting the lessons to be learnt at each stage.
What has been generally overlooked by the Orientalists is that the journey can be seen to represent more than the development of an individual. The great Sufi secret that has been lost in our age was that the development of an individual is not different from the journey of the entire humanity from Creation to Judgment Day, and the same process is being repeated in the lives of societies collectively.
In the light of Iqbal’s Javidnama, parallels can be drawn between Bhittai’s heroines and the history of ancient civilisations: Sohni (the Age of Adam), Sassi (the Age of Noah), Leelan (the Age of Abraham), Moomal (the Age of Moses), Marui (the Age of Zulqarnayn), Noori (the Age of Jesus Christ) and Sorath (the Age of Islam).
The crux is that we cannot always adjust history to our personal experiences. We also need to place ourselves in the larger context and make readjustments in ourselves. That cannot be extremely pleasant because we are pitted against personal insecurities at the very first step.
The mandate of poets like Bhittai is to make it pleasant and painless, not only for a few well-read listeners but for everyone. They help everyone come out of their shells, acquire genuine self-worth and join hands in giving birth to new civilisations.
If Pakistan is a catalyst for a process through which “Hindus would cease to be Hindus and Muslims would cease to be Muslims, not in the religious sense… but in the political sense as citizens of the State,” then there is no reason for dislocating Bhittai from the history of his region, as so many scholars have been doing so far.
Not only does his message seem to portray what Pakistan truly means to the masses, but Bhittai also seems to be the point from where the course of history turned in this direction. Thus, he stands out as the man who “lifted a civilisation out of one groove and set it in another… Nothing could again be as it had been.”
Source: DAWN
Link:http://www.dawn.com/wps/wcm/connect/dawn-content-library/dawn/news/culture/03-bhittai-the-visionary-ss-04
Publié par My Diary à l'adresse 01:25 0 commentaires
samedi 30 janvier 2010
Happy Latif Day!
Shah Abdul Latif Bhittai was a Sufi scholar, Philosopher,and intellectual and He is considered one of the greatest poets of the Sindhi language.
HAPPY LATIF DAY TO EVERY ONE!
Some poems,couplets from the Book of Shah Latif "SHah jo risalo=Message of SHAH".
Patience,Humanity adopt
For anger is disease-
Forbearance bringth joy
if you would understand.
O full moon! though you rise adorned,
your beauty to enhance;
You are not a blink worth of my love
With all charms you advance,
Since your whole being but one glance
of the Beloved is.
A hundred suns may rise, and blaze
four score-four moons may shine;
I vow, without Beloved mine
I am in darkest night
In darkest midnight, the Beloved
shows himself so clear;
the moon and Pleiades disappear
yea, like an echo mere.
Arise and take a forward stepbe
not an idler base;
The highway to my love is straight
and hath no winding ways...
Self-pity drop...a gallop raise
to bring us swift and soon.
For more
Subscribe to:
Posts (Atom)